اسلام آباد – 12 – جولائي (اي پي پي) وزيراعظم محمد شهباز شريف پاسڪو جي نجڪاري ??ي حوالي سان حڪمت عملي جوڙڻ ۽ ڪڻڪ ۽ ٻين فصلن جي پيداوار ۾ اضافي جي لاءِ موثر قدم کڻڻ، ڪڻڪ واري ??ورڊ ۾ آبادگارن، لينڊ انفارميشن اينڊ مئنيجمينٽ سسٽم ۽ اسپارڪو جي نمائندن کي شامل ڪرڻ جي هدايت ڪئي آهي. وزيراعظم آفيس جي ميڊيا ونگ پاران جاري ??يان موجب اها هدايت وزيراعظم پنهنجي صدارت ۾ قومي غذائي تحفظ ۽ تحقيق واري وزارت ۽ پاسڪو بابت اجلاس دوران ڏني. اجلاس ۾ اقتصادي معاملن واري وفاقي وزير احد خان چيما، ناڻي ۽ اوڳاڙين واري وفاقي وزير محمد اورنگزيب، قومي غذائي تحفظ ۽ تحقيق واري وفاقي وزير راڻا تنوير حسين، اطلاعات ۽ نشريات واري وفاقي وزير عطاءُ الله تارڙ، ناڻي ۽ اوڳاڙين واري مملڪتي وزير علي پرويز ملڪ، ڊ??ٽي چيئرمين پلاننگ ڪميشن جهانزيب خان، وزيراعظم جي ڪوآرڊينيٽر راڻا احسان افضل ۽ لاڳاپيل اعليٰ سرڪاري ??فيسرن شرڪت ڪئي. اجلاس ۾ ويٽ (Wheat) ڪڻڪ بورڊ جي نئين س?? جوڙجڪ جي منظوري ڏني وئي. وزيراعظم هدايت ڪئي ته ڪڻڪ ۽ ٻين فصلن جي پيداوار ۾ اضافي جي لاءِ موثر قدم کنيا وڃن ۽ ڪڻڪ بابت بورڊ ۾ آبادگارن جي نمائندن کي شامل ڪيو وڃي. هن ويٽ بورڊ ۾ لينڊ انفارميشن اينڊ مئنيجمينٽ سسٽم ۽ اسپارڪو جي نمائندن کي شامل ڪرڻ ۽ پاسڪو جي نجڪاري ??ي حوالي سان حڪمت عملي تيار ڪرڻ جي پڻ هدايت ڪئي. وزيراعظم حڪم ڏنو ته وفاقي حڪومت جي ڪڻڪ جي خريداري ??ي حوالي سان متبادل حڪمت عملي جوڙي وڃي ۽ ان حوالي سان گلگت بلتستان، آزاد ڪشمير سميت صوبائي حڪومتن ۽ ٻين لاڳاپيل ادارن سان مشاورت ڪئي وڃي. اجلاس کي ويٽ بورڊ جي ري ??سٽرڪچرنگ ۽ ٽي او آرز، ڪڻڪ ۽ ٻين فصلن جي پيداوار وڌائڻ ۽ پاسڪو ۾ سڌارن جي حوالي سان به بريفنگ ڏني وئي.