اسلام آباد – 22 – آگسٽ (اي پي پي) وزيراعظم محمد شهباز شريف ڊيره اسماعيل خ??ن سان تعلق رکندڙ گنيز بُڪ آف ورلڊ رڪارڊ ٺاهيندڙ 5 سالا سفيان محسود کي مبارڪباد ڏني آهي. وزيراعظم آفيس جي ميڊيا ونگ پاران جاري بيان موجب وزيراعظم چيو ته سفيان محسود گهٽ عمر ۾ گنيز بُڪ آف ورلڊ رڪارڊ قائم ڪري پنهنجي والدين ۽ ملڪ جو نالو ر??شن ڪيو. وزيراعظم چيو ته سفيان محسود جهڙ?? باصلاحيت ٻار پاڪستان جي روشن مستقبل جي ضمانت آهن.