ڪوئيٽا – 29 – آگسٽ (اي پي پي) وزيراعظم محمد شهباز شريف ۽ آرمي چيف جنرل سيد عاصم منير دشمن قوتن کي ڪنهن به قيمت تي بلوچستا?? جي امن ۽ ترقي کي متاثر ڪرڻ کان روڪڻ جي عزم جو ورجاءُ ڪيو آهي جڏهن ته نيشنل ايڪشن پلا?? جي صوبائي ايپڪس ڪميٽي ان عزم جو اظهار ڪيو ته بزدلاڻي حمل?? جي منصوباسازن، اتساهيندڙن، سهولتڪارن ۽ مرتڪب ماڻهن کي انصاف جي ڪٽهڙي ۾ آندو ويندو. وزيراعظم آفيس جي ميڊيا ونگ پاران جاري بيان موجب وزيراعظم محمد شهباز شريف جي صدارت ۾ نيشنل ايڪشن پلا?? جي صوبائي ايپڪس ڪميٽي جو اجلاس ٿيو. اجلاس جي شرڪت ڪندڙن بلوچستان ۾ تازي دهشتگردي جي حمل?? جي شهيد?? جي لاءِ فاتحه خواني ڪئي، متاثري?? جي پونئيرن سان يڪجهتي جو اظهار ڪيو ۽ وڌيڪ معصوم جاني?? جي زيان کي روڪڻ جي لاءِ وقت سر جواب ڏيڻ تي سيڪيورٽي فورسز جي بهادري کي ساراهيو. اجلاس جي شرڪت ڪندڙن کي خطاب ڪندي وزيراعظم بلوچستا?? جي عوام جي قومي تعمير ۽ ترقي جي لاءِ قربانين ۽ ڪردار کي ساراهيندي عزم ڪيو ته پاڪستان جا دشمن بلوچستان ۾ بدامني ڦهلائڻ چاهين ٿا، انهن کي پوري قوت ۽ قومي حمايت سان شڪست ڏني ويندي. وزيراعظم وڌيڪ چيو ته بلوچستان ۾ ٿيندڙ تازي افسوسناڪ واقعي سان پوري قوم ڏکويل آهي. هن چيو ته معصوم ماڻهن جو رت وهائيندڙ خوارج کي ڪنهن به قسم جي گنجائش نه ڏني ويندي. وزيراعظم چيو ته بلوچستان پاڪستان جو هڪ اهم ۽ خوبصورت صوبو آهي ۽ ا?? جي ترقي ۽ خوشحالي جي راهه ۾ ايندڙ سمورين رڪاوٽن کي ختم ڪيو ويندو. وزيراعظم چيو ته وطن ۽ معصوم شهري?? جي لاءِ جانيون قربان ڪندڙن جون قربانيون رائيگان نه وينديون. وزيراعظم واضح ڪيو ته پاڪستا?? جي آئين جو احترام ڪندڙن سان ئي ڳالهيون ممڪن ٿي سگهن ٿيو?? جيڪي قومي جهنڊي کي سلامي ڏين ٿا. ڪميٽي معصوم پاڪستانين کي نشانو بڻائيندڙ بزدلاڻي دهشتگرد حمل?? جي شديد مذمت ڪئي ۽ دهشتگردي جي خاتمي جي لاءِ سمورن وسيلن کي استعمال ۾ آڻيندي صوبي ۾ دهشتگردي جي خاتمي جي ڪوششن کي تيز ڪرڻ جو عزم ڪيو. بلوچستان ۾ سيڪيورٽي جي صورتحال ۽ دهشتگرد?? جي خلاف جاري آپريشنز جو جامع جائزو ورتو ويو ۽ ڪميٽي سيڪيورٽي فورسز ۽ قانون لاڳو ڪندڙ اد??ر?? جي وچ ۾ انٽيلي جنس شيئرنگ ۽ رابطن کي وڌيڪ مستحڪم ڪرڻ جو فيصلو ڪيو. فورم ڪائونٽر ٽيررازم ڊپارٽمينٽ (سي ٽي ڊي)، پوليس، ليويز ۽ لاڳاپيل اد??ر?? جي صلاحيت وڌائڻ تي پڻ اتفاق ڪيو. وزيراعظم ۽ آرمي چيف دشمن قوتن کي ڪنهن به قيمت تي بلوچستا?? جي امن ۽ ترقي کي متاثر ڪرڻ کان روڪڻ جي عزم جو ورجاءُ ڪيو. وزيراعظم قومي ترقي جي لاءِ بلوچستا?? جي عوام جي قربانين ۽ تعاون کي ساراهيندي عزم ڪيو ته پاڪستان جا دشمن بلوچستان ۾ بدامني ڦهلائڻ چاهين ٿا، انشاءَ الله پوري قوت ۽ قومي حمايت سان شڪست ڏني ويندي. ڪميٽي ان عزم جو اظهار ڪيو ته بزدلاڻي حمل?? جي منصوباسازن، اتساهيندڙن، سهولتڪارن ۽ مرتڪب ماڻهن کي انصاف جي ڪٽهڙي ۾ آندو ويندو ۽ شهري?? جي جان ۽ مال جي تحفظ کي هر قيمت تي يقيني بڻايو ويندو. اجلاس جي آخر ۾ وزيراعظم بلوچستان ۾ تازن دهشتگردي جي واقعن ۾ شهيد ٿيندڙ?? جي پونئيرن ۾ امدادي رقم جا چيڪس وره??يا ۽ انهن کي رياست پاران مڪمل تعاون ۽ تحفظ جو يقين ڏياريو. اجلاس ۾ نائب وزيراعظم ۽ پرڏيهي وزير محمد اسحاق ڊار، چيف آف آرمي اسٽاف جنرل سيد عاصم منير، وفاقي گهرو وزير محسن نقوي، منصوبابندي واري وفاقي وزير ڊاڪٽر احسن اقبال، واپار واري وفاقي وزير ڄام ڪمال خان، اطلاعات ۽ نشريات واري وفاقي وزير عطاءُ الله تارڙ، اقتصادي معاملن واري وفاقي وزير احد خان چيما، بلوچستا?? جي وڏي وزير سرفراز بگٽي، اهم صوبائي وزيرن، صوبائي سيڪريٽريز، ڪمانڊر بلوچستان ڪور ۽ سينيئر سول، پوليس، انٽيلي جنس ۽ فوجي عملدارن شرڪت ڪئي.