اسلام آباد-11 آڪٽوبر(اي پي پي) آسٽريليا پاڪستان کي نهري پاڻي جي ورڇ تي تحقيق واري منصوبي ل??ءِ 3 ملين آسٽريلوي ڊالر فراهم ڪندو، گذريل ڏينهن اقتصادي معاملن واري وفاقي وزير احد چيمه جي منظوري ک??ن پوءِ اقتصادي معاملن واري سيڪريٽري ڊاڪٽر ڪاظم نياز آسٽريلين سينٽر فار انٽرنشينل ايگريڪلچر ريسرچ جي چيف ايگزيڪيوٽو پروفيسر وينڊي امبر گر سان معاهدن تي صحيحيون ڪيون جن جو مقصد موسمياتي مناسبت جي لحاظ ک??ن پاڻي جي ورڇ ڪرڻ آهي. ان معاهدي ??وج?? آسٽريليا پاڪستان کي ان منصوبي ل??ءِ 3 ملين آسٽريلوي ڊالر فراهم ڪندو اهو منصوبو پنجن سالن ۾ مڪمل ڪيو ويندو جنهن س??ن پاڪستان ۾ نهري پاڻي جي ورهاست ۽ طريقن کي ??هت?? بڻائڻ ۾ مدد ملندي. هن زرعي شعبي جي ترقي ل??ءِ آسٽريلوي سهڪار تي شڪريو ادا ڪيو.