رياض – 29 – آڪٽوبر (اي پي پي) وزي??اع??م محمد شهباز شريف ۽ سعودي ولي عهد محمد ب?? سلمان مضبوط پاڪ سعودي اقتصادي حصيداري جو ورجاءُ ڪيو ۽ واپار، سيڙپڪاري ۽ اقتصادي تعاون جي دائري ۾ جاري ٻطرفو تعاون وڌيڪ وڌائڻ تي اتفاق ڪيو آهي، ٻنهي اڳواڻن خطي ۾ جاري اسرائيلي جارحيت تي پڻ ڳڻتي جو اظهار ڪيو. وزي??اع??م آفيس جي پريس ونگ پاران جاري بيان موجب وزي??اع??م محمد شهباز شريف فيوچر انويسٽمينٽ انيشي ايٽو (ايف آءِ آءِ) جي اٺين اجلاس جي موقعي تي سعودي ولي عهد ۽ وزي??اع??م محمد ب?? سلمان سان ملاقات ڪئي. وزي??اع??م خادم حرمين شريفين شاهه سلمان بن عبدالعزيز جي لاءِ نيڪ خواهشن جو اظهار ڪيو ۽ سندس صحت ۽ تندرستي جي لاءِ دعا ڪئي. هن عالمي مالياتي ادارن سان لاڳاپيل معاملن تي سعودي عرب جي پاڪستان جي حمايت تي محمد ب?? سلمان جا ٿورا مڃيا. وزي??اع??م سندس ۽ سندس وفد جي شاندار مهمان نوازي تي پڻ ولي عهد جا ٿورا مڃيا. فيوچر انويسٽمينٽ ڪانفرنس منعقد ڪرڻ جي حوالي سان سعودي ولي عهد جي دورانديش قيادت کي ساراهيندي وزي??اع??م چيو ته سعودي ويزن 2030ع پاڪستان جي اهم پاليسي مقصدن سان هم آهنگ آهي. ٻنهي اڳواڻن مضبوط پاڪستان سعودي اقتصادي حصيداري جو ورجاءُ ڪيو ۽ واپار، سيڙپڪاري ۽ اقتصادي تعاون جي دائره ڪار ۾ جاري ٻطرفو تعاون وڌيڪ وڌائڻ تي اتفاق ڪيو. وزي??اع??م سعودي عرب جي سيڙپڪاري واري وزير ج?? قيادت ۾ اعليٰ سطح جي سعودي وفد جي تازي دوري جو ذڪر ڪيو ۽ ان دوري دوران صحيحون ڪيل مفاهمت جي يادداشتن (ايم او يوز) جي بنياد تي هڪ پاڪ سعودي معاشي حصيداري جو خلاصو ڪيو. ٻنهي اڳواڻن خطي ۾ جاري اسرائيلي جارحيت تي پڻ ڳڻتي جو اظهار ڪيو جنهن جي نتيجي ۾ بي پناهه تباهي ٿي آهي. سعودي عرب ۽ پاڪستان جي وچ ۾ گڏيل مذهبي ۽ ثقافتي لاڳاپا آهن جيڪي ڏهاڪن تي ٻڌل آهن ۽ وقت سان گڏ وڌيڪ مضبوط ٿي رهيا آهن، وزي??اع??م محمد شهباز شريف ۽ سعودي ولي عهد محمد ب?? سلمان جي وچ ۾ ٿيندڙ اها ملاقات ان ڳالهه جي عڪاس آهي.