دوحه – 30 – آڪٽوبر (اي پي پي) وزيراعظم محمد شهباز شريف قطر جي امير جي دعوت تي ٻن ڏينهن جي سرڪاري دوري تي قطر پهچي ويو. دوحه جي عالمي هوائي اڏي تي قطر جي ثالثي واري مملڪت?? وزير محمد بن عبدالعزيز الخليفي، قطر ۾ مقرر پاڪستاني سفير ۽ ٻئي سفارتي عمل?? وزيراعظم جو استقبال ڪيو. وزيراعظم آفيس جي پريس ونگ پاران جاري بيان موج?? پنهنجي دوري دوران وزيراعظم قطر جي امير شيخ تميم بن حماد الثاني سان ملاقات ڪندو. وزيراعظم سان قطر انويسٽمينٽ اٿارٽي ۽ قطر بزنس مين ايسوسيئيشن جا وفد پڻ ملاقات ڪندا. وزيراعظم قطر ميوزيم ۾ ”منظر آرٽ ايگزي بيشن: 1940ع کان هيستائين پاڪستان ۾ آرٽ ۽ آرڪيٽيڪچر“ جو پڻ افتتاح ڪندو. وفاق?? وزير خواجه محمد آصف، ڄام ڪمال خان، محمد اورنگزيب ۽ عطاءُ الله تارڙ پڻ وزيراعظم سان گڏ آهن.