باڪو – 13 – نومبر (اي پي پي) وزيراعظم محمد شهباز شريف پنهنجو ٽن ڏينهن جو آذربائيجان جو دورو مڪمل ڪري پاڪستان روانو ٿي ويو. آذربائيجان جي انصاف واري وزير فريد احمدوف وزيراعظم کي باڪو ايئرپورٽ تي ??لوداع ڪيو. وزيراعظم آف??س جي ميڊيا ونگ پاران جاري بيان موجب وزيراعظم محمد شهباز شريف پنهنجي آذربائيجان جي دوري دوران ڪوپ 29 ڪلائميٽ ايڪشن سربراهي اجلاس ۾ شرڪت ڪئي ۽ ڪانفرنس ۾ شريڪ عالمي اڳواڻن کي ماح??لي??تي ??بديلي جي هاڃيڪار اثرن جي خطري ۾ ورتل پاڪستان جي مشڪلاتن کان آگاهه ڪيو. وزيراعظم تاريخي طور تي ماح??لي??تي ??لودگي جي ذميوار ملڪن پاران ماح??لي??تي ??المي معاشي واعدن جي تڪميل تي ??ور ڏنو. وزيراعظم پاڪستان پاران منعقد ڪلائميٽ فنانس گول ميز ڪانفرنس جي ميزباني ڪئي ۽ ماح??لي??تي ??بديلي جي حوالي سان عالمي معاشي واعدن جي تڪميل تي ??ور ڏنو. وزيراعظم تاجڪستان پاران گليشيئرز جي تحفظ جي حوالي سان منعقد اعليٰ سطحي تقريب ۾ شرڪت ڪئي ۽ گليشيئرز ۽ پاڻي وسيلن جي تحفظ جي لاءِ پاڪستان جي قدمن تي ??وشني وڌي. وزيراعظم ان موقعي تي ڊينمارڪ، چيڪ ريپبلڪ جي وزيراعظمن ۽ آذربائيجان جي صدر سان ٻطرفيون ملاقاتون ڪيُون. وزيراعظم جي ڪوپ 29 جي ڪلائميٽ ايڪشن سربراهي اجلاس جي موقعي تي ??رطانيا جي وزيراعظم، گڏيل عرب امارات، تاجڪستان، ازبڪستان، ق??زق??تان، نيپال جي صدرن سان غيررسمي ملاقاتون پڻ ٿيون.