اسلام آباد -10 نومبر (اي پي پي) وزيراعظم محمد شهباز شريف عرب اسلامڪ سمٽ ۾ شرڪت لاءِ سعودي ع??ب جي شهر رياض لاءِ روانو ٿي ويو. گذريل ڏينهن وزيراعظم آفيس جي ميڊيا ونگ طرفان جاري بيان موجب وزيراعظم شهباز شريف عرب اسلامڪ سربراهي اجلاس کي خطاب ڪندو. ان موقعي تي سمٽ جي سائيڊ لائينز تي وزيراعظم جون عالمي اڳواڻن سان ملاقاتون به متوقع اهن. سڌ سماءَ وارو وفاقي وزير عطاالله تارڙ ۽ وزيراعظم جو خاص مدد??ار طارق فاطمي به وزيراعظم سان گڏ آهن. هي غير معمولي ??ربراهي اجلاس سعودي ع??ب جي حڪومت طرفان گهرايو ويو آهي جنهن ۾ غزه ۽ فلسطين سميت وچ اوڀر جي صورتحال تي خيالن جي ڏي وٺ ڪئي ويندي. سربراهي اجلاس ۾ عرب ليگ ۽ او آءِ سي جا ميمبر ملڪ به شرڪت ڪري رهيا آهن.