راولپنڊي-26 نومبر (ا?? پي پي) سيڪيورٽي فورسز پاڪ- افغان سرحد تي حسن خيل جي علائقي ۾ خوارجين جي در اندازي کي ناڪام بڻائيندي 3 دهشتگردن کي ماري ڇڏيو. آءِ ايس پي آر موجب پاڪستاني سيڪيورٽي فورسز 25 ۽ 26 نومبر جي وچ واري رات اُتر وزيرستان جي علائقي حسن خيل ۾ پاڪ- افغان سرحد ويجهو خوارج جي هڪ گروپ جي چُرپُر محسوس ڪئي، جيڪو پاڪستان اندر داخل ٿيڻ جي ??وش?? ڪري رهيو هو. سيڪيورٽي فورسز فوري ڪارروائي ڪندي ان ??وش?? کي ناڪام بڻائي ڇڏيو. ان دوران 3 خوارجين کي ماريو ويو.