اسلام آباد-03 ڊسمبر (اي پي پي) مذهبي معاملن ??ار?? وفاقي وزير چوڌري سالڪ حسين چيو آهي ته گذريل ڏينهن 3 ڊسم??ر تائين حج لاءِ وصول ٿيندڙ سموريون درخواستون ڪامياب قرار ڏنيون ويون آهن جڏهن ته ڏورانهن علائقن ۾ حج درخواستون جمع ڪرائڻ ۾ ڏُکيائين سبب ڀلي پار ويندڙن جي درخواست تي درخواستن تي وصوليءَ ۾ 7 ڏينهن جي واڌ ڪري ڇڏي آهي. ڪالهه مذهبي معاملن ??ار?? وزارت طرفان جاري بيان ۾ وفاقي وزير ڀلي پار ويندڙن کي خوشخبري ڏني آهي ته 3 ڊسم??ر تائين حج درخواستون جمع ڪرائيندڙ سمورن اميد??ار?? ک?? ڪامياب قرار ڏنو ويو آهي، اسپانسرشپ اسڪيم ۾ وصول ٿيل درخواستون به ڪامياب قرار ڏنيون ويون آهن. سرڪاري حج اسڪيم ۾ درخواستون هاڻ 10 ڊسم??ر تائين نامزد بئنڪن ۾ جمع ڪرائي سگهبيون، ڪوٽا کان وڌيڪ درخواستون وصول ٿيڻ جي صورت ۾ ڪڻا ڪڍيا ويندا. هن چيو ته سمنڊ پار پاڪستاني 10 ڊسم??ر تائين اسپانسرشپ جي رقم لازمي جمع ڪرائين، اسپانسرشپ اسڪيم ۾ وصول درخواستگذارن کي بنا ڪُڻن ج?? ڪامياب قرار ڏنو ويندو. وزارت جي ويب سائٽ تي ??ن لائن پورٽل ذريعي گهر ويٺي حج درخواستون جمع ڪرائي سگهجن ٿيون. ڀلي پار ويندڙ کي نين هدايتن لاءِ پاڪ حج موبائل ايپ ڊائون لوڊ ڪرڻ جو چيو ويو آهي.