اسلام آباد-23 ڊسمبر (اي پي پي) قومي خابرو اداري ايسوسيئيٽيڊ پريس آف پاڪستان (اي پي پي) ۾ ڪرسمس جي موقعي تي مسيحي برادريءَ سان يڪجهتيءَ جي اظهاءِ لاءِ ڪالهه خصوصي تقريب ڪوٺائي وئي. تقريب جو خاص مهمان اي پي پي جو ايم ڊي محمد عاصم کچي هو. ان موقعي تي مسيحي برادري جي خوشين ۾ شريڪ ٿيندي ڪرسمس جو ڪيڪ ڪاٽيو ويو. تقريب ۾ اي پي پي جي ايگزيڪيوٽو ڊائ??يڪ??ر سبين خان خٽڪ، ڊائ??يڪ??ر نيوز شمائله عنديب، ڊائ??يڪ??ر اردو نيوز سروس عبدالجبار زڪريا، ڊائ??يڪ??ر وڊيو نيوز سروس رب نواز باجوه، ڊائ??يڪ??ر ڪورٽ اينڊ ڪرائيم محمد رشيد ملڪ، ڊائ??يڪ??ر ايڇ آر فارينه مغل، مختلف شعبن جي سربراهن ۽ اي پي پي ايمپلائيز يونين جي صدر ملڪ خض?? زمان ۽ سيڪريٽري محمد نديم اقبال، اي پي پي جي صحافين، ورڪرن ?? مسيحي برادري سان تعلق رکندڙ ملازمن ڀرپور شر??ت ڪئي. ان موقعي تي ايم ڊي تقريب کي خطاب ڪندي مسيحي برادري کي ڪرسمس جون مبارڪون ڏيندي چيو ته پاڪستان ۾ اقليتي برادريءَ کي مڪمل آئيني ۽ قانوني حق حاصل آهن ?? مسلم??نن سميت ٻين مذهبن جا ماڻهو به ڪرسمس جي خوشين ۾ شريڪ ٿي دنيا کي پيغام ڏئي رهيا آهن ته پاڪستان ۾ سمورن مذهبن ۾ ڀرپور هم آهنگي آهي ۽ اقليتن کي مڪمل آزادي حاصل آهي. هن چيو ته ڪرسمس جي موقعي تي اسان مسيحي برادريءَ جي خوشين ۾ برابر جا شريڪ آهيون. خوشيءَ جي ان موقعي تي اداري طرفان مسيحي ملازمن جي الائونس ۾ به واڌ ڪئي وئي.