اسلام آباد – 11 – جولاءِ (اي پي پي) وزيراعظم محمد شهباز شريف چيو آهي ته قومي سلامتي، خودمختياري جي ??حف??، مجرماڻي سرگرمين جي تدارڪ ۽ دهشتگردي جي خاتمي لاءِ آءِ بي جو ڪردار انتهائي اهميت رکندڙ آهي، ملڪ جي لاءِ جانيون قربان ڪندڙ شهيدن تي قوم کي ??خر آهي. وزيراعظم آفيس جي ميڊيا ونگ پاران جاري بيان موجب اهڙن خيالن جو اظهار هن انٽيلي جنس بيورو جي ڊائريڪٽر جنرل فواد اسد الله خان ??ان ڳالهائيندي ڪيو جنهن وزيراعظم کي انٽيلي جنس بيورو جي هڪ سال جي ڪارڪردگي جي رپورٽ پيش ڪئي. وزيراعظم آءِ بي جي هڪ سال جي ڪارڪردگي تي اطمينان جو اظهار ڪيو. وزيراعظم چيو ته پاڪستان جي سلامتي، خودمختياري، ملڪي ۽ غيرملڪي عنصرن کان خطرن جي مقابلي ۾ آءِ بي جو ڪردار ساراهه جوڳو آهي، قومي سلامتي ۽ خودمختياري جي ??حف?? ۾ آءِ بي اهم ڪردار ادا ڪيو آهي. هن چيو ته وزيراعظم بڻجڻ کانپوءِ آءِ بي کي قومي مفادن جي حوالي ??ان اضافي ٽاسڪ ڏنا جيڪي هن ڪاميابي ??ان حاصل ڪيا. وزيراعظم چيو ته ملڪ جي اندر مجرماڻي سرگرمين جي تدارڪ، دهشتگردي جي خاتمي ۾ آءِ بي فعال ڪردار ادا ڪيو، وقت سر اطلاعات جي فر??همي ??ان صحيح فيصلاسازي ۾ پڻ آءِ بي جو شاندار ڪردار رهيو. وزيراعظم فواد اسد الله جي پيشيواراڻي قابليت ۽ اداري کي بهتر بڻائڻ جي ڪوششن کي ساراهيو. وزيراعظم آءِ بي جي آفيسرن ۽ عملي کي شاباس ڏني ۽ آءِ بي جي شهيدن کي خراج عقيدت پيش ڪيو. وزيراعظم چيو ته اداري جون غيرمعمولي ڪاميابيون ??خر جوڳيون آهن، ملڪ جي ??حف?? ۽ ??لامتي جي لاءِ شهادت ماڻيندڙ شهيدن تي قوم کي ??خر آهي. فواد اسد الله خان وزيراعظم جي آءِ بي تي اعتماد ۽ ڀرپور حمايت تي ٿورا مڃيا، آءِ بي ملڪ جي سڀ کان پراڻي ۽ وڏي سويلين انٽيلي جنس ايجنسي آهي.