اسلام آباد – 04 نومبر (اي پي پي) وزيراعظم جي اطلاعات ۽ نشريات بابت خصوصي معاون ڊاڪٽر فردوس عاشق اعواڻ چ??و آهي ته هڪ طرف وزيراعظم عمران خان جي صدارت ۾ پ??ڪس??ان جي ترقي، جمهوريت جي مضبوطي ۽ عوام جي خوشحالي لاءِ پارلياماني پارٽي جو اجلاس ٿي ره??و آهي جڏهن ته ٻي طرف انتشار، فساد ۽ عوام جي ترقي جو رستو روڪڻ جا م??صوبو بڻايا پيا وڃن. پنهنجي هڪ ٽوئيٽ ۾ ڊاڪٽر فردوس عاشق اعواڻ چيو ته پوري قوم ڏسي رهي آهي ته ڪنهن جي ڪهڙي ايجنڊا ۽ ترجيح آهي، هن چيو ته مولانا صاحب! اقتدار ۾ اچڻ ۽ وڃڻ جو فيصلو پ??ڪس??ان جي عوام کي ڪرڻو آهي، چار سالن جي لاءِ اتنظار ڪريو.