اسلام آباد – 25 نومبر (اي پي پي) وزيراعظم جي اطلاعات ۽ نشريات بابت خصوصي معاون ڊاڪٽ?? فردوس عاشق اعواڻ ٻن ڏينهن جي دوري تي سعودي عرب رواني ٿي وئ?? آهي، هو جده ۾ او آءِ سي قائم ٿيڻ جي گولڊن جوبلي تقريبن ۾ پا??ستان جي نمائندگي ڪندي. اطلاعات واري خصوصي معاون او آءِ سي جي سيڪريٽري جنرل ۽ سعودي پرڏيهي وزير جي دعوت تي گولڊن جوبلي تقريبن ۾ شرڪت ڪندي. باني ميمبر جي حيثيت سان پا??ستان او آءِ سي ۾ سدائين فعال ۽ متحرڪ ڪردار ادا ڪيو آهي.