لاهور – 04 اپريل (اي پي پي) وزيراعظم عمران خان چيو آهي ته عالمي ڪرونا وبا وڏو چئلينج آهي جڏهن قوم ان چئلينج مان نڪرندي ته هڪ مختلف قوم هوندي، ڪنهن کي به خوش فهمي ۾ نه رهڻ گهرجي ته ڪرونا ڪنهن کي ڪجهه نه ڪندو، ايندڙ وقت جي اسان کي تياري ڪرڻ گهرجي، مشڪل وقت ۾ انسان جي ايمان جو پتو پوي ٿو، هن م??ڪل وقت ۾ حڪومت تاريخ جو ??ڀ کان وڏو ر??يف پئڪيج ڏنو آهي، ڪنهن کي تجربو نه آهي ته ان وبا کي ڪهڙي طرح ڊيل ڪرڻو آهي، قوم احتياطي تدبيرون اختيار ڪري و??ا تي ضابطو آڻي سگهي ٿي، ڪرونا ٽائيگر فورس ۾ 6 لک ماڻهو رجسٽرڊ ٿي چڪا آهن، پنجاب ۾ ڪرونا جي خلاف منظم طريقي سان ڪم ٿي رهيو آهي، سرندي وارن جي تعاون تي انهن جا ٿورائتا آهيون. هو گورنر هائوس ۾ ڪرونا ر??يف فنڊ ۽ راشن ورهائڻ واري تقريب کي خطاب ڪري رهيو هو.