اسلام آباد – 23 جولاءِ (اي پي پي) اطلاعات ۽ نشريات واري وفاقي وز??ر سينيٽر شبلي فراز چيو آهي ته پاڪستان جي ڪامياب سفارتڪاري ڀارت کي دنيا ۾ ڌار ڪري ڇڏيو آهي، وز??راعظم عمران خان ڀارتي وز??راعظم نريندر مودي جو اصل چهرو بي نقاب ڪري ڇڏيو آهي. هو ريڊيو پاڪستان جي اهتمام هيٺ خصوص?? مشاعر?? کي خطاب ڪري رهيو هو، وفاقي وز??ر سينيٽر شبلي فراز چيو ته اڄ پوري دنيا ڀارتي والاريل ڄمون ۽ ڪشمير ۾ انساني حقن جي پائمالين جي معاملي تي پاڪستان سان گڏ بيٺل آهي، هن ??يو ته گذريل سال 5 آگسٽ تي هندستان پنهنجي آئين جي ٻن آرٽيڪلز کي ختم ڪري ڇڏيو جنهن سان نه رڳو ڪشميرين جي خودمختياري محدود ٿي وئي پر ڪشميرين کي بدترين ڪرفيو ۽ لاڪ ڊائون کي منهن ??يڻو پيو، رياست کي دنيا جي سڀ کان وڏ?? جيل ۾ تبديل ڪيو ويو آهي، هن ??يو ته مودي جو هندستان بي مثال قربانيون ڏيندڙ بهادر ڪشميرين جي آزد?? جي جدوجهد کي چيڀاٽي نٿو سگهي