اسل??م آباد – 08 سيپٽمبر (اي پي پي) صدر ڊاڪٽر عارف علوي چيو آهي ته پاڪستان ۽ ڪشميري هڪ آهن ۽ ڪڏهن جدا نه ٿيندا. پنهنجي ٽوئيٽ ۾ صدر ڊاڪٽر عارف علوي چيو ته اسان جون دليون گڏ ڌڙڪن ٿيون، اسان جا احساس گڏيل آهن ۽ اسان گڏجي جد??جهد ڪري رهيا آهيون، هن چيو ته دنيا واضح طور تي ڏسي سگهي ٿي ته غير قانوني والا??يل ڪشمير ۾ ڀارت جي جارحيت مودي حڪومت هندوتوا جي ناڪامي جي ع??اس?? آهي، صدر ڊاڪٽر عارف علوي پنهنجي ٽوئيٽ جي آخر ۾ چيو ته انشاءُ الله ڪشمير ضرور آزاد ٿيندو. هن پنهنجي ٽوئيٽ سان گڏ هڪ ٽوئيٽ کي ٽيگ ڪيو جن??ن ۾ پاڪستان جي يوم دفاع جي موقعي تي والا??يل ڪشمير ۾ باني پاڪستان قائداعظم محمد علي جناح رح جي تصوير سان سندس فرمان ڇاپيو ويو آهي ته ڪشمير پاڪستان جي شهه رڳ آهي.