اسلام آباد – پهرين آڪٽوبر (اي پي پي) وزيراعظم عمران خان چيو آهي ته آئون چونڊيل وزيراعظم آهيان ڪنهن جي همت ناهي جو هُو مون کا?? استعيفا وٺي، نواز شريف خطرناڪ راند کيڏي رهيو آهي جيڪڏه?? اسان م??الف ڌر جي بليڪ ميلنگ ۾ آياسين ته نسلون م??اف نه ڪنديون، مشن کڻي سياست ۾ آيو آهيان، حڪومت ۽ فوج جي وچ ۾ بهترين لاڳاپا آهن، مخالف ڌر وٽ ڪوبه اخلاقي جواز ناهي، مخالف ڌر مال ٺاهڻ جي لاءِ اقتدار ۾ ايندي آهي، اسان عدليه ۽ نيب تي ڪو به دٻاءُ ناهي وڌو، نيب اسان جي وزيرن کي به گهرايو جنهن تي اعتراض ناهي، نجي ٽي وي چئنل کي پنهنجي خصوصي انٽرويو ۾ هن چيو ته اسان م??ڪل حالتن ۾ اقتدار سنڀاليو، معيشت ويٺل هئي، اسان جي خلاف پروپيگنڊا ڪئي وئي، تنقيد ڪئي وئي، صحافين م??ڪل وقت ۾ ملڪي مفادن جي تحفظ لاءِ وڏو ڪردار ادا ڪ??و، وزيراعظم چيو ته ڪ??هه ميڊيا هائوسز جو ڪردار سٺو رهيو ۽ ڪ??هه جو سٺو نه رهيو، هن چيو ته آرمي چ??ف جنرل قمر جاويد باجوه مون کان پڇي سياستدانن سان گڏجاڻي ڪئي، هن چيو ته فوج منهنجي لاءِ اثاثو آهي، سينيٽ چونڊن ۾ ڪاميابي سان قانونسازي ۾ آساني ٿيندي، وزيراعظم چيو ته ڀارت نواز شريف جي مدد ڪري رهيو آهي