گڏيل قومون-15 مئي (اي پي پي) گڏيل قومن جي سيڪريٽري جنرل انتونيوگوتريش اسرائيل ۽ غزه وچ ۾ جنگ بندي جي معاهدي جي آجيان ڪندي اپيل ڪئي ته رڳو ڳالهين ذريعي ئي پ??ئي??ار سياسي حل ??مي??ا لاءِ امن قائم ڪرڻ کي يقيني بڻائڻ ۽ تشدد جي سلسلي کي ختم ڪرڻ جو سب?? بڻجندو. گڏيل قومن جي سيڪريٽري جنرل جي ترجمان طرفان جاري بيان ۾ سيڪريٽري جنرل اسرائيل ۽ غزه تي ڇنڇر تي ٿيل جنگ بندي جي معاهدي تي عمل ڪرڻ تي زور ڏنو. هن معاهدي جي آجيان ۽ تشدد سبب متاثر ماڻهن جي خاندانن سان تعزيت جو اظهار ڪيو. سيڪريٽري جنرل ڇڪتاڻ جي خاتمي ۽ جنگ بندي لاءِ مصر جي اهم ڪردار ۽ قطر، لبنان ۽ آمريڪا جي ڪوششن جي ساراهه ڪئي. هن سمورين ڌرين تي زور ڏنو ته جنگ بندي تي عمل کي يقيني بڻايو وڃي. هن گڏيل قومن جي لاڳاپيل ٺهرائن، بين الاقوا??ي قانون ۽ اڳوڻن معاهدن جي بحالي جي ا??مي?? جي بنياد تي ٻه رياستي حل حاصل ڪرڻ لاءِ گڏيل قومن جي عزم جو ورجاءُ ڪيو. بيان ۾ چيو ويو ته گڏيل قومن جي سيڪريٽري ان ڳالهه جو ورجاءُ ڪيو ته رڳو ڳالهين ذريعي ئي پ??ئي??ار سياسي حل امن ۽ ??مي??ا لاءِ تشدد جي سلسلي جي خاتمي جو سب?? بڻجندو.