اسلام آباد – 10 نومبر (اي پي پي) وزيراعظم عمر??ن خان پاڪستان سٽيزن پورٽل تي شهرين پاران داخل ڪيل شڪايتن لاءِ جوڙيل طريقيڪار م??جب نه اڪلائڻ يا حل ۾ دير جو سخت نوٽيس وٺندي سمورين وزارتن کي هدايت ڪئي آهي ته لاڳاپيل آفيسرن جي ڪارڪردگي جو جائزو وٺڻ جي لا??ِ هڪ ڪميٽي جوڙي وڃي. وزيراعظم آفيس پاران سمورين وزارتن ۽ ڊويزنن کي لکيل خط م??جب ڪجهه آفيسرن جي ڪارڪردگي جي جائزي کانپوءِ ان ڳالهه جو انڪشاف ٿيو آهي ته شڪايتن کي نه ئي جوڙيل طريقيڪار موجب ??ڪلايو ويو ۽ نه ئي مناسب سطح تي انهن جي ازالي لاءِ ڪو فيصلو ڪيو ويو.