اسلام آباد – 28 جنوري (اي پي پي) وزيراعظم عمران خان هدايت ڪئي آهي ته سي پيڪ تحت جاري منصوبن کي مڪمل ڪرڻ ۽ مستقبل جي منصوبن جي حوال?? سان مشاورتي عمل کي ترجيحي بنيادن تي مڪمل ڪيو وڃي، چين مشڪل حالتن ۾ پاڪستان جي مدد ڪئي آهي، سي پيڪ منصوبو پاڪ ??ين مضبوط لاڳاپن جو مظهر آهي، سماجي شعبن خاص ??ور تي غربت جي خاتمي ۽ زراعت جهڙن شعبن جي فروغ جي ڏس ۾ چين جي تجربي مان مڪمل ??ور تي فائدو کڻڻ جي ضرورت آهي. وزيراعظم اهي هدايتون پاڪ ??ين اقتصادي لنگهه تحت مختلف منصوبن تي اڳڀرائي جي جائزي جي حوال?? سان اعليٰ سطحي اجلاس جي صدارت ڪندي ڏنيون.