اسلام آباد – 07 فيبروري (اي پي پي) وزيراعظم جي اطلاعات ۽ نشريات بابت خاص مددگار ڊاڪٽر فردوس عاشق اعوا?? چيو آهي ته پاڪستان ۽ ايران جي وچ ۾ تاريخي ڀائراڻا لاڳاپا آهن، زندهه قومون معاشي مفادن تي اخلاقي روايتن کي ترجيح ڏين ٿيون، ايراني قوم مشڪل حالتن ۾ به نظرين تي ٺاه?? نه ٿي ڪري، ايراني عورتون زندگي جي هر شعبي ۾ پنهنجو ڪردار ادا ڪندي ڏسڻ ۾ اچن ٿيون، ايراني سئنيما کان پاڪستاني قوم کي روشناس ڪرائ??ند??سين، ايران ۽ پاڪستان جي گڏيل تعاون سان فلمون ٺاهيو?? وينديون. اهڙن خيالن جو اظهار هن پي اين سي اي ۾ ايراني فلم جي حوالي سان تقريب کي خطاب ڪندي ڪيو.