اسلام آباد – 23 اپريل (اي پي پي) صدر ڊاڪٽر ع??رف علوي چيو آهي ته ماڻهو گهرن ۾ نماز ادا ڪن ۽ ڪوويڊ – 19 ب??بت احتياطي تدبيرون اختيار ڪن، جيڪڏهن صورتحال وڌيڪ خراب ٿئي ٿي يا عالمن سان معاهدي تحت هدايتن تي عمل نٿو ٿئي ته نماز ۽ تراويح جي باري ۾ فيصلي تي حڪومت نظرثاني ڪن??ي. ??نهنجي هڪ بيان ۾ صدر چيو ته عالم سڳورن سان معاهدي جي پهرين 17 نڪتا نماز ۽ تراويح جي دوران حفاظتي قدمن کي اجاگر ڪن ٿا، انهن احتياطي تدبيرن تي پوري دنيا ۾ اتفاق راءِ آهي، هن چيو ته انهن احتياطي تدبيرن تي عملدرآمد امام مسجد، مسجد ڪميٽين، ضلعي انتظاميه ۽ صوبائي حڪومت جي گڏيل ذميداري آهي.