اسلام آباد – 24 مئي (اي پي پي) صدر ڊاڪٽر عارف علوي کي ترڪيءَ جي ص??ر رجب طيب اردوان ٽيليفون ڪئي ۽ صدر ۽ پاڪستان جي حڪومت ۽ عوام جي لاءِ نيڪ خواهشن جو اظهار ڪيو ۽ پي آءِ اي جهاز جي افسوسناڪ حادثي ۾ مار??ي ويلن جي سوڳوار خاندانن سان دلي تعزيت جو اظهار ڪيو. صدر سان ڳالهائيندي ترڪيءَ جي صدر چيو ته ترڪيءَ مشڪل جي هن گهڙيءَ ۾ پاڪستان سان گڏ آهي، صدر عارف علوي به ترڪ هم منص?? ۽ ??رڪ عوام کي ع??د مبارڪباد ڏني.