اسلام آباد – 11 جون (اي پي پي) وزيراعظم عمران خان چيو آهي ته پاڪستان ريلويز کي ??ساري مان ڪڍي منافعو ڏيندڙ ادارو بڻائڻ موجوده حڪومت جي ترجيح آهي، اداري جي نئين سر تنظيم سازي ۽ حقيقي تبديلي آڻڻ جو ع??ل ان وقت مڪمل ٿيندو جڏهن عوام پاڻ ان تبديلي کي محسوس ڪندي ۽ ان مان فائدو کڻندي، ريلوي جي نئين سر تنظيم سازي کي ??يم ايل ون منصوبي جي ڏس ۾ مڪمل ڪيو وڃي، جيترو ممڪن ٿي سگهي مسافرن کي ??نهن جي درن تائين ٽڪيٽون پهچائڻ جو انتظام يقيني بڻايو وڃي. اهڙن خيالن جو اظهار هن پاڪستان ريلويز جي نئين سر تنظيم سازي ۾ اڳڀرائي جي حوالي سان جائزه اجلاس جي صدارت ڪندي ڪيو.