اسلام آباد – 18 سيپٽمبر (اي پي پي) نيشنل ڪمانڊ اينڊ آپريشن سينٽر (اين سي او سي) ڪورونا وائرس جي حوالي سان تازا انگ اکر جاري ڪري ڇڏيا آهن، اين سي او سي مان جاري ڪيل انگن اکرن موجب گذريل 24 ڪلاڪن دوران ڪورونا جي 752 مريضن جا ٽيسٽ مثبت آيا جڏهن ته گذريل 24 ڪلاڪن دوران 9 مريض سڄي ملڪ جي اسپتالن ۾ وائرس سبب فوت ٿيا. گذريل 24 ڪلاڪن دوران ڪووڊ-19 جا 33 هزار 865 جا ٽيسٽ ڪيا ويا جنهن مان سنڌ ۾ 13 هزار 787، پنجاب ۾ 11 هزار 928، خيبرپختونخوا ۾ 2 هزار 395، اسلام آباد 3 هزار 80، بلوچستان هڪ هزار 574، گلگت بلتسان ۾ 442 ۽ آزاد ڪشمير ۾ 659 ٽيسٽ شامل آهن. هيستائين سڄي ملڪ ۾ ڪورونا مان صح??يا?? ٿيندڙن جو تعداد 2 لک 91 هزار 683 ٿي چڪو آهي، آزاد ڪشمير ۽ بلوچستان ۾ ڪو به ڪورونا جو مريض هن وقت و??نٽ??ليٽرز تي نه آهي، جڏهن ته سڄي ملڪ ۾ ڪورونا جي لاءِ مختص هڪ هزار 912 و??نٽ??ليٽرز تي 106 ڪورونا جا مريض آهن، سڄي ملڪ ۾ ڪورونا جي ايڪٽو ڪيسز جو تعداد 6 هزار 295 آهي.